پشاور – 13 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بي آر ٽي منصوبي جي شروع ٿيڻ سان عام ماڻهو جي زندگي ۾ انقلاب ايندو ۽ اهو منصوبو پشاو?? جي شهرين جي لاءِ نعمت ثابت ٿيندو، هائبرڊ بسن جي استعمال سان ماحولياتي آلودگي ۾ به گهٽتائي ٿيندي ۽ عوام کي بهترين سفري سهولتون ملنديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن بي آر ٽي منصوبي تي ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير محمود ??ان?? خيبرپختونخواهه جو گورنر شاهه فرمان، دفاع وارو وفاقي وزير پرويز خٽڪ، مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير پير نورالحق قادري، خيبرپختونخواهه اسيمبلي جو اسپيڪر مشتاق سميت چونڊيل نمائندا ۽ سرڪاري عملدارن جو وڏو انگ موجود هو. وزيراعظم چيو ته هن منصوبي جي مڪمل ٿيڻ تي وڏي وزير محمود ان ۽ سندس ٽيم کي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ت?? هي ميٽرو بس جو بهترين منصوبو آهي ۽ معيا?? جي لحاظ کان به اعليٰ ۽ ٿرڊ جنريشن منصوبو آهي. هن چيو ته ان جا اثر پشاو?? جي ترقي تي پوندا. هن چيو ته ماڻهن کي پشاو?? جي مين رستي تي رش جي ڪري ڪلاڪ جا ڪلاڪ انتظار ڪرڻو پوندو هو. بي آر ٽي ذريعي پشاو?? جي عوام کي بهترين سفري سهولتون ملنديون. هن چيو ته 27 ڪلوميٽ?? جي ان بس ٽريڪ جي ڪري رستن تي ٽريفڪ دٻاءُ به گهٽ ٿيندو. هن چيو ت?? هي جديد ٽرانسپورٽ سسٽم آهي. مون کي ان حوالي سان ڪجهه خدشا هئا پر پرويز خٽڪ جيڪو ان وقت وڏو وزير هو هو ان منصوبي جي حق ۾ دليل ڏيندو هو. ثابت ٿيو ته سندس راءِ صحيح هئي، آئون ??يس خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. ان منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان مزدور، پورهيت ۽ عام ماڻهو جي زندگي ۾ انقلاب ايندو.