اسلام ??باد – 10 جولاءِ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورو??ا وائرس بابت تازه ترين انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، سڄي ملڪ ۾ هڪ لک 49 هزار 92 مريض ڪورو??ا وائرس کي شڪست ڏئي مڪمل صحت??اب ٿي چڪا آهن، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ ڪو به مريض وينٽيليٽر تي نه آهي، 1568 وينٽيليٽرز ڪووڊ 19 جي مريضن جي لا??ِ مختص، 420 وينٽيليٽرز استعمال ۾ آهن، اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 2451 نوان مثبت ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جڏهن ته وڌيڪ 75 ماڻهو ڪورونا کان وڙهندي جان جي بازي هارائي ويا، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 23 هزار 255 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن ۾ سنڌ جا 9 هزار 860، پنجاب جا 8 هزار 55، ڪي پي ڪي جا 2 هزار 366، اسلام ??باد جا 2 هزار 70، بلوچستان جا 2، آزاد ڪشمير جا 415 ٽيسٽ شامل آهن.