اسلام آباد – 29 مئي (اي پي پي) منصوبابندي ترقي ۽ خصوصي سڌارن وار?? وفاقي وزير اسد عمر هدايت ڪئي آهي ته عوامي سهولت لاءِ سمورا صوبا ريسورس مينيجمينٽ سسٽم (آر ايم ايس) ۾ ڪورونا وائر?? جي وبا جي تدارڪ لاءِ کنيل قدمن ۽ تازه ترين معلومات شيئر ڪن. هو جمعي ڏينهن پنهنجي صدارت ۾ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپرشن سينٽر (اين سي او سي) اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو، اجلاس ۾ ڪورونا وائر?? جي وبا بابت تازه ترين صورتحال جو جائزو ورتو ??يو.