اسلام آباد – 11 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص م??دگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته حڪومتي اقتصادي ٽيم مڪمل هم آهنگي سان پن??نجون ذميواريون سرانجام ڏئي رهي آهي، پوري ٽيم کي وزيراعظم عمران خان جو ڀرپور اعتماد حاصل آهي، پاڻ ۾ اختلافن جون خبرون بي بنياد، گمرا??ه ڪندڙ ۽ مفاد پرستن جي خواهش ت?? ٻڌل آهن.