اسلام آباد – 11 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات جي خاص مددگار ڊڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پا??ستان (اي پي پي) سميت ٻي رياستي ميڊيا جي ذميداري قومي بياني کي سگهه ڏيڻ آهي، رياستي ميڊيا پا??ستان جي روشن تشخص کي روشناس ڪرائڻ ۾ اهم ??ردار ادا ڪري رهي آهي، وزي??اع??م جي هدايت تي اي پي پي کي م??بوط رياستي ادارو بڻائن جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهيون. هو ڪالهه اربع جي شام مقامي هوٽل ۾ اي پي پي ايمپلائيز يونين (سي بي اي) طرفان پنهنجي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪري رهي هئي، وزي??اع??م جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته اي پي پي هڪ اهڙو ادارو آهي جنهن سان پا??ستان جو نالو ڳنڍيل آهي، اي پي پي ۾ ڪم ڪندڙن جو رشتو پا??ستان سان قائم آهي، هن چيو ته اي پي پي کي هڪ م??تن?? ادارو بڻائڻ وزي??اع??م عمران خان جو ويزن آهي، جڏهن ته ادارن کي فعال ۽ بااختيار بڻائڻ اسان جي ذميداري آهي، هن چيو ته اسان کي ان اداري جي بهتري لاءِ يونين سميت سمورن ملازمن کي گڏ کڻي هلڻو آهي، اداري جا حقيقي اسٽيڪ هولڊرز ان جا ملازم آهن.