اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ متاثرين جي فوري مدد ۽ مڪمل بحالي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن جو ڪاٿو لڳائڻ جي لاءِ گڏيل سروي سڀ کان پهرين بلوچستان ۾ شروع ????ي وڃي، حڪومت متاثرين جي مدد ۽ بحالي جي طريقيڪار ۾ شفافيت يقيني بنائيندي، آخري ٻوڏ متاثر کي ان جو حق ملڻ تائين سک سان نه ويهندس. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ امدادي ڪاررواين جي حوالي سان اهم جائزه ??جل??س جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم هدايت ڪئ?? ته متاثرين کي فوري مالي مدد اين ڊي ايم اي جي نگراني ۾ ڊيجيٽل طريقيڪار سان فراهم ڪ??ي وڃي. ??جل??س کي گڏيل سروي جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪندي ٻڌايو ويو ته سروي ۾ ٻوڏ جي دوران فوت ٿيندڙن، زخمين، تباهه ٿيل گهرن، دڪانن، فصلن ۽ مارجي ويل چوپائي مال جي ڊيٽا گڏ ڪ??ي ويندي جنهن سان بحالي جي ڪمن ۾ شفافيت، بهتري ۽ تيزي يقيني بڻائي سگهبي. ??جل??س کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته اها سروي سڀ کان پهرين بلوچستان جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ڪ??ي ويندي جڏهن ته اها سروي 20 آگسٽ 2022ع کان شروع ??ري ان جي پڄاڻي 22 سيپٽمبر 2022?? تائين يقيني بڻا??ي ويندي. ان کانسواءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام پاران ڏني ويندڙ فوري مالي مدد ۽ بائيو ميٽرڪ نظام تحت ورڇ ٿيندي جنهن جي نگراني اين ڊي ايم اي ڪندي. وزيراعظم انهن سمورن قدمن تي فوري عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي هدايت پڻ ڪئ??. ??جل??س ۾ وفاقي وزيرن احسن اقبال، مولانا اسعد محمود، مفتاح اسماعيل، وزيراعظم جي خاص معاون احد چيما، نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئ??. وزيراعظم جي ڪشمير معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره وڊيو لنڪ ذريعي ??جل??س ۾ شرڪت ڪئ??.