اسلام آباد – 18 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قوم کي فيٽف جون شرطون پوريون ٿيڻ ۽ وائيٽ لسٽ ۾ پاڪستان جي واپسي جي راهه هموار ٿيڻ تي م??ار??باد ڏيندي چيو آهي ته ”ٽيم پاڪستان“ کي م??ار??باد هجي جنهن پاڪستان جي لاءِ ڪامياب ڪوشش ڪئي، گري لسٽ ما?? پاڪستان جو نالو ڪڍرائڻ جي قومي ڪوشش ڪندڙ سموري سول ۽ ملٽري ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي به م??ار??باد ڏيان ٿو، سندس قيادت ۾ ٽيم کي اها اهم ڪاميابي ملي، عسڪري قيادت کي فيٽف جي گري لسٽ ما?? پاڪستان جو نالو ڪڍرائڻ جي عمل تي م??ار??، پاڪستان کي ملندڙ ان وڏي ڪاميابي تي توهان جي ڪوششن کي ساراهيان ٿو. هن چيو ته ج?? ايڇ ڪيو ۾ آرمي چيف جي قائم ڪيل ”ڪور سيل“ پاڪستان جي ان اهم ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، آڪٽوبر ۾ فيٽف ٽيم جي دور?? کانپوءِ پاڪستان جو نالو گري لسٽ ما?? نڪري ويندو، گري لسٽ ما?? پاڪستان جو نالو نڪرڻ سٺو سنئوڻ آهي، ايندڙ وقت ۾ پاڪستان کي وڌيڪ ڪاميابيون م??ند??ون. هن چيو ته ج??هن ٽيم ورڪ ۽ جذبي سان گري لسٽ ما?? پاڪستان جو نالو ڪڍرائڻ جي ڪوشش ٿي، اها ئي قومي ڪوشش معيشت جي بحالي لاءِ به ڪري رهيا آهيون، قوم کي ما??وسي، نااميدي ۽ معاشي ابتڙي ما?? ڪڍي تعمير، ترقي ۽ خوشحالي طرف واپس آڻينداسين.