اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) ??رڏ??هي وزير بلاول ڀٽو زرداري عالمي برادري ۽ عبوري افغان حڪومت جي وچ ۾ مسلسل رابطي جي ضرورت تي زور ڏيندي ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي ترڪ حڪومت جي ثابت قدم حمايت ۽ اصولي موقف تي ترڪي جو ٿورو ادا ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪي جي دوري جي موقعي ??ي انقره ۾ ترڪ ??رڏ??هي وزير ميولود چائوش اولو سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. ??رڏ??هي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ترڪي جي دوري جي موقعي ??ي ??رڏ??هي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ ترڪ ??رڏ??هي وزير ميولود چائوش اولو جي وچ ۾ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جي فروغ تي ڳالهه ٻولهه ٿي، ??رڏ??هي وزير بلاول ڀٽو زرداري گرمجوشي سان مهمانوازي تي پنهنجي ترڪ هم منصب جو ٿورو ادا ڪندي چيو ته ٻطرفا لاڳاپا پيار ۽ محبت تي ٻڌل آهن جيڪي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عوام هڪ ٻي جي لاءِ رکندي آهي. ٻنهي ??رڏ??هي وزيرن مختلف موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ مختلف شعبن ۾ جاري تعاون جو جائزو ورتو، ??رڏ??هي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اعليٰ سطح جي اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل ۽ اسٽريٽجڪ اڪنامڪ فريم ورڪ ٻطرفن لاڳاپن ??ي وڌيڪ بلندي تائين وٺي وڄڻ لاءِ مفيد طريقيڪار جي طور تي ڪم ڪندا رهندا آهن، هن چيو ته پاڪستان هلندڙ سال جي آخر ۾ ترڪي ۾ اعليٰ سطح جي اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل جي اجلاس جو منتظر آهي، ٻنهي ??رڏ??هي وزيرن ??لائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ??رڏ??هي وزير پنهنجي ويجهي پاڙيسري ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ سلامتي لاءِ ترڪي جي تعاون کي ساراهيو. افغانستان جي باري ۾ ??رڏ??هي وزير افغانستان ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي جي گڏيل مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ عالمي برادري ۽ عبوري افغان حڪومت جي وچ ۾ مسلسل رابطي جي ضرورت تي زور ڏنو، بلاول ڀٽو زرداري يوڪرين جي بحران ۾ ترڪي جي تعميري ڪردار ۽ ڳالهين ۽ سفارتڪاري کي فروغ ڏيڻ ۾ ترڪ ??رڏ??هي وزير جي ذاتي ڪوششن کي به ساراهيو. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته ??رڏ??هي وزير بلاول ڀٽو زرداري ترڪي جي سرڪاري دوري تي وزيراعظم سان گڏ آهي. هڪ مهيني کان گهٽ عرصي ۾ ٻنهي ??رڏ??هي وزيرن ??ي اها ٻي ملاقات هئي. ??رڏ??هي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي اعزاز ۾ ترڪي جي ??رڏ??هي وزير ميولود چائوش اولو گذريل رات آجياڻو به ڏنو.