اسلام آ??اد – 30 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف 31 مئي کان 2 جون تائين ترڪي جو دورو ڪندو، اهو دورو پاڪستان جي روايتي بااعتماد دوستن ۽ ڀائر ملڪن سان ٻطرفي لاڳاپن جي تجديد جي سلسلي جي ڪڙي آهي. پنهنجي ??وئيٽ ۾ هن چيو ته اهو دورو ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ لاڳاپن جي ??روغ کانسواءِ سيِڙپڪاري، واپار، صحت، تعليم، ثقافت ۽ گڏيل مفادن جي ??ين شعبن ۾ تعاون جي حوالي سان به نهايت اهم آهي، هن چيو ته پاڪ ترڪي بزنس ڪائونسل جو اجلاس، ترڪ سيڙپڪارن ۽ واپارين سان ملاقاتون ٿينديون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم دوري دوران مصطفيٰ ڪمال اتاترڪ جي ??زار تي حاضري ڏيندو، ترڪ صدر رجب ط??ب اردوان سان وزيراعظم تر??ي ۽ پاڪستان جي سفارتي لاڳاپن جي ??ي??م جا 75 سال مڪمل ٿيڻ جي ??وقعي تي يادگيري نشان جاري ڪندو. صدر اردوان وزيراعظم جي اعزاز ۾ آجياڻو به ڏيندو.