ڪراچي – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪراچي شپ يارڊ ۾ ملجم ڪلاس جهاز پي اين ايس بدر لانچ ڪري ڇڏيو، ان سلسلي ۾ ڪراچي شپ يارڊ اينڊ انجنيئرنگ ??رڪ?? ۾ خصوصي تقريب جو انعقاد ڪيو ويو. تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف خصوصي مهمان طور شرڪت ڪئي. ترڪي جو دفاع وارو وزير هولوسي آقار، پاڪ بحريه جو سربراهه ايڊمرل محمد امجد خان نيازي ۽ ٻين اهم شخصيتن به تقريب ۾ شرڪت ڪئي. جهاز ترڪي جي ايم ايس سفات جي تعاون سان ڪراچي شپ يارڊ ۾ تيار ڪيو ويو آه??. دفاعي پيداوار واري وزارت ۽ ترڪي جي معاهدي جي تحت ٻه ڪار??يٽ?? جهازن جي تعمير ڪئي وئي آه??، ٻه ڪار??يٽ?? جهازن جي تعمير پاڪستان ۽ ٻن جي تعمير ترڪي ۾ ڪئي پئي وڃي، ان طرز جي پهرين بحري جاز جي لانچنگ گذريل سال آگسٽ ۾ ترڪي ۾ ٿي هئي، ٻيا ٻه جهاز مڪمل ٿيڻ جي مرحلي ۾ آه?? ۽ اهي جديد هٿيارن ۽ سينسرز سان ليس هوندا. تقريب ۾ پاڪ بحريه جي سربراهه ٽئين ملجم ڪلاس ڪارويٽ جهاز پي اين ايس بدر جو ماڊل وزيراعظم کي پيش ڪيو، ياد رهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جمعي تي هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهتو هو.