اسلام آباد – 19 R11; مئي (اي پي پي) ايراني سفارتخاني ڪراچي ۾ دهشتگردي جي واقعي ۾ ملوث عنصرن جي ايران ۾ ممڪن رابطن جي الزامن جي حوالي سان ڪجهه پاڪستاني صحافين پاران پڇيل سوالن تي ردعمل ۾ چيو آهي ته ڪنهن ثبوت ۽ دستاويزي شهادتن ک??نسواءِ اهڙي قسم جا الزام غيرپيشيواراڻا ۽ ناقابل قبول آهن ۽ انهن جو مقصد پاڪستان ۽ ايران جي ڀائراڻن لاڳاپن کي نقصان پهچائڻ آهي. ايراني سفارتخاني پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته بنا ڪنهن شڪ جي هڪ ٽئين ڌر پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ڀائراڻن ۽ دوستاڻن لاڳاپن کي خراب ڪرڻ چاهي ٿي، پاڪستان ۽ ايران ج?? ويجهي لاڳاپن جي دشمنن جي فريب ۾ نه اچڻ گهرجي. بيان ۾ ميڊيا تي زور ڏنو ويو آهي ته اها مستندد ۽ باضابطا ذريعن ک??ن ملندڙ معلومات تي ڀروسو ڪري.