اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر سان ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنر ونڊي گل??ر اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنر مملڪتي وزير کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني، ملاقات ۾ ٻطرفي ل??ڳاپن ۽ خطي جي مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. مملڪتي وزير حنا رباني کر ٻطرفي ل??ڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ ڪينيڊين ڪمپنيز کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ تي زور ڏنو، مملڪتي وزير پاڪستان ??ي شاگردن لاءِ ڪينيڊين ويزا جاري ڪرڻ ۾ سهولت تي به زور ڏنو.