اسلام آباد – 06 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف قوم تي زور ڏنو آهي ته هاڻي ڪم تي ڌيان ڏنو وڃي. پنه??جي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هو اميد ڪري ٿو ته عوام عيد جون موڪلون پنه??جي گهرڀاتين سان سٺي طريقي سان گذاريون ۽ آرام به ڪري ورتو، هاڻي اسان کي ڪم تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. عيد جي چئن موڪلن کانپوءِ جمعي ڏينهن آفيسون کلي ويون ۽ ڪاروبار زندگي به بحال ٿي ويو. وزيراعظم شهباز شريف جيڪو هڪ بهترين منتظر ۽ ڪم کي تيزي سان سرانجام ڏيڻ ۽ پڄاڻي تائين پهچائڻ جي شهرت رکندڙ آهي، قوم کان به اميد رکون ٿا ته اها ان جي پيروي ڪندي ملڪي تعمير ۽ ترقي جي لاءِ محنت، لڳاءُ ۽ جانفشاني سان ڪم ڪري. وزيراعظم ج??هن عيد جون موڪلون لاهور ۾ گذاريون، جمعي ڏينهن صبح سوير اسلام آباد پهچي ويو ۽ پنه??جي آفيس ۾ پنه??جي فرضن جي ادائيگي شروع ڪري ڇڏي. ٻئي طرف وزيراعظم پنه??جي هڪ ٻئي ٽوئيٽ ?? لاهور ميٽرو مان فائدو کڻندڙ عام ما??هن جي ڪهاڻي جي عڪاسي ڪندڙ فيضان احمد جي ڪم کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته فيضان احمد لاهور ميٽرو سان عام ما??هو کي ملندڙ سفري سهولت کي بهترين طريقي سان اجاگر ڪيو. وزيراعظم چيو ته هو ان عڪاسي کان تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي.