اسلام آباد – 12 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف اڱاري ڏينهن اتحادي پارٽين جي اڳواڻن سان جدا جدا ملاقاتون ڪ??ون آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ايم ڪيو ايم جي ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف مولانا فضل الرحمان جي ??ها??شگاهه تي پڻ ويو ۽ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف سردار اختر مينگل، ڊاڪٽر خالد مگسي، شاهه زين بگٽي ۽ اسلم ڀوتاڻي سان پڻ ملاقاتون ڪ??ون. شهباز شريف وزيراعظم جي عهدي تي پنهنجي نامزدگي، حمايت ۾ ووٽ ڏيڻ ۽ تعاون تي سڀني قائدين، اڳواڻن ۽ قومي اسيمبلي ميم??رن جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم شهباز شريف اتحادي پارٽين جي قائدين سان ڪابينا جي جوڙجڪ تي اهم مشاورت پڻ ڪئي. هن چيو ته اسان انهي جذبي ۽ گڏيل اعتماد سان اڳتي وڌنداسين جنهن جي ذريعي هن منزل تائين پهچڻو آهي. هن اتحادي پارٽين جي قائدين کي يقين ڏياريو ته اتحاد، مشاورت ۽ تعاون سان اڳتي وڌنداسين ۽ گڏ??ي مسئلا حل ۽ واعدا پورا ڪنداسين.