بيجنگ – 29 – مارچ (اي پي پي) پرڏيه?? وزير مخدوم شاهه محمود قريشي افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي ٽئين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ چين پهچي ويو. پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود ۽ افعانستان بابت خصوصي نمائندو ايمبيسڊر محمد صادق پڻ پرڏيه?? وزير سان گڏ آهن. هوانگ شن عالمي ايئرپورٽ ??هچ?? تي چين ۾ مقرر پاڪستاني سفير معين الحق ۽ چيني پرڏيه?? وزارت جي سينيئر آفيسرن پرڏيه?? وزير جي آجيان ڪئي. پرڏيه?? وزير پنهنجي ٽن ڏينهن جي دوري ۾ افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي ٽئين اجلاس ۾ شريڪ ٿيندو. پرڏيه?? وزير پاڪستان جي نمائندگي ڪندي پنهنجي اهم خطاب ۾ افغانستان سميت خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪ??شش??ن استعمال ۾ آڻڻ ۽ ٺوس قدم کڻڻ تي زور ڏيندو. چين ۾ منعقد افغانستان جي ويجهي پاڙيسري ملڪن جي ٽئين اجلاس جي موقعي تي پرڏيه?? وزير چين، روس، ايران ۽ ٻين ملڪن جي پرڏيه?? وزيرن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو.