هري پور – 17 جنوري (??ي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته هلندڙ سال رڪارڊ ٽيڪس جمع ٿيو آهي، وڌندڙ آبادي لاءِ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ وڏو چئلينج آهي، آءِ ٽي جي شعبي تي ڌيان ڏئي روانگي واپار به وڌائي سگهجي ٿو ۽ روزگار جا موقعا به پيدا ڪري سگهجن ٿا، ايندڙ دور ٽيڪنالاجي جو آهي، تعليم جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي، پي ٽي آءِ جي صوبائي حڪومت پرويز خٽڪ جي دور ۾ زبرست ڪم ڪيو. اسپيشل ٽيڪنالاجي زون جو سنگ بنياد رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي وز??راعظم عمران خان چيو ته اهو زبردست منصوبو آهي جيڪو پاڪستان تحريڪ انصاف جي خيبرپختونخوا ۾ صوبائي حڪومت پرويز خٽڪ جي وزارت اعليٰ جي دور ۾ شروع ڪيو هو، اهو ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان جو منصوبو هو. وز??راعظم چيو ته پي ٽي آءِ جي صوبائي حڪومت هيلٿ ڪارڊ به جاري ڪيو هو، وسيلا نه هجڻ جي باوجود سمورن شهرين کي هليٿ انشورنس جي فراهمي تمام وڏو قدم آهي، اسان جي صوبائي حڪومت مقامي حڪومتن جي نظام، ماحوليات ۽ سياحت تي به ڀرپور ڌيان ڏنو آهي،. وز??راعظم چيو ته هري پور ۾ يونيورسٽي جي قيام لاءِ ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان ٻاهرين ملڪ وڃي ڪوششون ڪيون، ان سان ايندڙ نسلا مستفيد ٿيندا. وز??راعظم چيو ته ملڪ تعليمي ادارن ۽ تعليم جي اعليٰ معيار سان ٺهندا آهن، يونيورسٽين مان ملڪ جي مختلف شعبن لاءِ قيادت ميسر ايندي آهي، يورپ پنهنجي بهترين تعليمي ادارن جي ڪري ترقي ڪئي، ماضي جي حڪومتن تعليم جي شعبي ۾ ڪم ناهي ڪيو، ٽن طرح جو تعليمي نظام هلي رهيو هو، قوم هڪ نظريي سان وجود ۾ ايندي آهي، اسان پنجين تائين هڪجهڙو نصاب متعارف ڪرايو آهي. وز??راعظم چيو ته مستقبل ٽيڪنالاجي جو آهي، اسپيشل ٽيڪنالاجي زون پورو ايڪو سسٽم آهي، ان سان اسان جي معاشري تي بهترين اثر پوندا. پاڪستان جي وڏي آبادي نوجوانن تي مشتمل آهي، نوجوانن جي تعداد جي لحاظ کان پاڪستان دنيا جو ٻيو وڏو ملڪ آهي ان لاءِ اسان تعليم ۾ جيتري وڌيڪ سيڙپڪاري ڪنداسين ايترو ئي اسان جي ملڪ لاءِ فائديمند آ??ي، تعليمي ادارن ۾ نوجوانن جيڪي ڪجهه پڙهي ايندا آهن اهو مارڪيٽ جي ضرورت س??ن هم آهنگ نه آهي، آءِ ٽي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي ضرورت آهي ان سان نوجوانن کي روزگار جا موقعا ميسر ايندا ڇو ته اسان کي نوجوانن جي وڌندڙ تعداد کي روزگار فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي، وز??راعظم چيو ته آءِ ٽي روانگي واپار ۾ اضافو ٿيو آهي، ان ۾ وڌيڪ اضافي جي اميد آ??ي، ان شعبي ۾ بي پناهه موقعا موجود آ??ن، آءِ ٽي جي شعبي تي ڌيان ڏيڻ سان روانگي واپار به وڌندو ۽ روزگار جا موقعا به. وز??راعظم خيبرپختونخوا جي حڪومت کي ان منصوبي تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته هن سال رڪارڊ ٽيڪس جمع ٿيو جيئن جيئن روينيو وڌندو تعليم ۽ صحت جي شعبي ۾ وڌيڪ خرچ ڪنداسين، ان موقعي تي خيبرپختونخوا جو وڏو وز??ر محمود خان، صوبائي وز??ر عاطف خان، ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان ۽ ٻيا به موجود هئا، ان کان اڳ وز??راعظم اسپيشل ٽيڪنالاجي زون جو سنگ بنياد رکيو.