اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين تي زور ڏنو آهي ته هو پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن جيڪو تيزي سان ايشيا جو سڀ کان وڏو سيڙپڪار ۽ واپاري مرڪز بڻجي ??ڀري رهيو آهي، پرڏيهي پاڪستانين جي فڪري ۽ ڪاروباري صلاحيتن مان فائدو کڻڻ لاءِ ??اڪستان ۾ موجود صنعتن، اڪيڊيمين، ماهرن ۽ لاڳاپيل ادارن سان رابطا قائم ڪرڻ جي ??رورت آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار آمريڪا ۾ رهندڙ سمنڊ پار پاڪستانين جي هڪ وفد سان ڳالهائي??دي ڪ??و جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت ايسپائر پاڪستان جو صدر حسن سيد ڪري رهيو آهي، وفد سان ڳالهائي??دي صدر چي?? ته پاڪستان پنهنجي ??ستياب انساني وسيلن کي حاضر دور جي هنر ۽ جديد تعليم فراهم ڪري انهن جي ??ربيت جو اهتمام ڪري رهيو آهي، هن چي?? ته تعليمي معيار کي وڌائڻ سان گڏوگڏ يونيورسٽي پاس ڪندڙ ماڻهن جو تعداد وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هن وڌيڪ چي?? ته معيشت جي ڊجيٽلائيزيشن جي لاءِ ??دم کنيا پيا وڃن جنهن سان پاڪستان ۾ سڌو سنئون غير ملڪي سيڙپڪاري کي وڌيڪ فروغ ملندو، صدر کي ٻڌايو وي?? ته ايسپائر پاڪستان ٻاهرين ملڪ رهندڙ ڪاروباري ماڻهن، سيڙپڪارن ۽ ٽيڪنالاجي ماهرن جو هڪ نيٽ ورڪ آهي جنهن جو ويزن پاڪستان کي جدت ۽ انٽر پرينيورشپ جي ??ريعي سماجي ۽ اقتصادي طور تي خوشحال بڻائڻ آهي، صدر پاڪستان جي ??ماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جي ڪردار کي ساراهيو.