اسلام آباد – 15 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وفاقي ڪابينا جو سڀاڻي اڱاري تي ٿيندڙ اجلاس ملتوي ڪيو ويو آهي، هي ڪهڙو حسن اتفاق آهي ته جنهن نوٽري نو??ز شريف جي ميڊيڪل رپورٽ جي تصديق ڪئي اهو ئي راڻا شميم جي بيان جي به تصديق ڪري رهيو آهي، نو??ز شريف ۽ مريم نو??ز جي سزائن جي خلاف اپيلن تي فيصلو جڏهن اچڻ وارو آهي ان وقت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش عدليه تي هڪ تمام وڏو حملو آهي جيڪو شريف خاندان پاران ڪيو ويو آهي، (ن) ليگ جي ناصر بٽ وغيره جج ارشد ملڪ جي جيڪا وڊيو ٺاهي هئي اڄ تائين ان کي بطور ??بوت ڇو عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو آهي. هو وزيراعظم هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته غلط بياني ۽ دوکيبازي (ن) ليگ جو شيوو آهي، (ن) ليگ ماضي ۾ عدالتن تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪندي رهي آهي. هن چيو ته (ن) ليگ جا پر??ڻا طور ??ريقا هاڻي نه هلندا، ارشد ملڪ جي وڊيو اڄ تائين عدالتن ۾ جمع ناهي ڪرائي وئي. هن چيو ته پاڪستان جي عدليه آزاد آهي، وزيراعظم عمران خان قانون جي بالادستي جي لاءِ تمام گهڻي جدوجهد ڪئي آهي، اسان اتحادين کي سدائين گڏ کڻي هليو آهي، اسان جا اتحادي حڪومت سان گڏ بيٺل آهن. هن چيو ته اليڪٽرانڪ و??ٽن?? مشين، چونڊ سڌارن ۾ اتحادي اسان سان گڏ بيٺل آهن، اليڪٽرانڪ و??ٽن?? مشين سدائين جي لاءِ چونڊ ڌانڌلي جو رستو ر??ڪڻ وڃي رهي آهي.