اسلام آباد-06 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته طورخم ۽ چمن کان علاوه افغانستان سان سلهاڙيل باقي 5 سرحدن تي به آمدورفت جو جديد بايو ميٽرڪ نظام ۽ آن لائن ويزا شروع ڪئي ويندي ۽ هزارين ماڻهو پاڪستان ۾ ويزا وٺي آيا ۽ لاپتا ٿي ويا، اهي مهلت مان ??ائدو کڻندا نه ته انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، ملڪي سلامتي جي محافظ ادارن تي تنقيد ڪندڙ اقتدار جي بُکايلن کي ڪجهه هٿ نه ايندو، هو پنهنجو ئي نقصان ڪندا. نواز شريف جي سياست ختم ٿيندي نظر اچي رهي آهي، ڪالعدم ٽي ٽي پي س??ن ڳا??هين جي ڪا خبر ناهي، مفاهمت سان ??عاملا حل ڪرڻ چاهيون ٿا.
اهڙو اظهار هن نيشنل ايڪشن پلان جي جائزه اجلاس بعد صحافين سان ڳا??هائيندي ڪيو. گهرو وزير چيو ته افغانستان ??اءِ آن لائن ويزا جاري ڪري رهيا آهيون، وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي پرمٽ ۽ ٻين جي حوالي س??ن شڪايتون 10 ڏينهن ۾ حل ڪيون وينديون، آن لائن انٽري ۽ آن ارائيول ويزا جو نظام افغانستان سان سلهاڙيل سمورين سرحدن تي شروع ڪيون ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني پنهنجو نالو اِي سي ايل مان خارج ڪرڻ جي درخواست ڏئي يا عدالت ذريعي رجوع ڪري، اسان سندس ڪيس جو جائزو وٺنداسين. مريم نواز طرفان ??لڪي ادارن تي تنقيد جي حوالي س??ن سوال جي جواب ۾ گهرو وزير چيو ته پاڪ فوج ۽ ادارا ملڪي سلامتيءَ جا ضامن آهن، انهن تي تنقيد سان اقتدار کي بُکايلن کي ڪجهه هٿ نه ايندو هو پنهنجو ئي نقصان ڪندا.
هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ گهرو وزير چيو ته پهريان ??تي ڪو رڪارڊ نه هو ته سرحدن تي ڪيئن آمدورفت ٿي ??هي آهي، هزارين ماڻهو ويزا وٺي آيا ۽ لاپتا ٿي ويا، اسان کين ايمنسٽي ڏيڻ وڃي رهيا آهيون ته اهي درخواست ڏين ۽ ملڪ مان ??ڪري وڃن نه ته سندن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته نواز شريف جي سياست ختم ٿي چڪي آهي جيڪڏهن وطن واپس اچڻ چاهي ته هو درخواست ڏي، 24 ڪلاڪن ۾ پاسپورٽ جاري ڪيو ويندو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ??ينڊورا پيپرز جي تحقيقات جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ڪالعدم ٽي ٽي پي س??ن ڳا??هين جي حوالي س??ن گهرو وزير چيو ته جيڪڏهن ڳا??هيون ٿي ??هيون آهن ته مون کي معلومات ناهي، ٽي ٽي پي ۾ ري گروپنگ ٿي ??هي آهي، 3 کان 4 گروپ شامل ٿيا آهن، اسان ??فاهمت چاهيون ٿا پر هر قسم جي صورتحال کي مُنهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.
هن چيو ته افغانستان جي انساني بنياد تي مدد ڪرڻ اسان جو فرض آهي، سندن تڪليف اسان جي تڪليف آهي پر انهن کي تسليم ڪرڻ جو فيصلو دنيا سان گڏجي ڪنداسين، اسان کي نورستان ڪنڙ سميت هر هنڌ جي خبر آهي، اسان ??فاهمت جا قائل آهيون پر ملڪ جي سلامتيءَ تي ڪو سمجهوتو نه ڪيو ويندو، خطي ۾ 20 سالن بعد وڏي تبديلي آئي آهي، دشمن اسان جي س??حدن تي ڏڦيڙ ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته ڊالرز جي هولڊنگ تي نظر رکيل آهي، عام ماڻهوءَ کي رليف ڏيڻ لاءِ وزيراعظم عمران خان تمام وڏي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جلد عام واهپي وارين شين ۽ دوائن کي س??تو ڪيو ويندو.