اسلام آباد – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ جي انگ ۾ اضافو ٻاهرئ??ن ملڪ پاڪستانين جي حڪومت جي پاليسين تي اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿو. هن اها ڳالهه اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر وزيراعظم کي معاشي بحالي، روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ تي بريفنگ ڏني. جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته مجموعي طور تي ٻاهرئ??ن ملڪ رهندڙ پاڪستانين هيستائين 2 لک چار هزار روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ کولرايا. هن ٻڌايو ته اڪائو??ٽس جي انگ ۾ روزاني جي بنياد تي اٽڪل هڪ هزار اڪائو??ٽس جو اضافو ٿي رهيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ٻڌايو ته روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ ۾ هيستائين ٻاهرئ??ن ملڪ م??ن 2.3 ارب ڊالر موڪليا ويا آهن.