اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) 6 سيپٽمبر پاڪستان جي دفاع جو ڏهاڙو (اڄ) سومر ڏينهن قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو. 6 سيپٽمبر قوم جي حيثيت سان اس??ن جي اتحاد، ايمان ۽ نظم ۽ ضبط جي علامت آهي، ان ڏينهن دشمن جي عددي برتري جي گهمنڊ ۾ ناپاڪ ۽ ڪڌا ارادا ناڪام ٿيا، ان ڏينهن اس??ن گڏجي پاڪستان جو دفاع ڪيو، هي هڪ اهڙو ڏينهن آهي جيڪو اس??ن جي شهيدن ۽ غازين ک?? خراج عقيدت پيش ڪرڻ ۽ انهن جي بهادري ۽ عظيم قربانين کان متاثر ٿيڻ جو ڏينهن آهي. 1965ع جي مقابلي ۾ پاڪستان اڄ مض??وط روايتي ۽ غيرروايتي طاقت سان گڏ وڌيڪ فعال ۽ متحرڪ ملڪ بڻجي اڀريو آهي. ان سان گڏوگڏ پاڪستان جي عوام هٿياربند فوج سان گڏ هڪ نقطي تي آهي جيڪا پنهنجي ثابت قدمي، بي لوث عقيدت ۽ حب الوطني جي جذبي جي ڪري آزمايل آهي، شهيدن ۽ غازين ک?? خراج تحسين پيش ڪرڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته نيڪ اعمال ۽ بهادري جا نوان باب لکي انهن جي شاندار ميراث کي برقرار رکيو وڃي جڏهن ته عوام ۽ هٿياربند فوج هڪ نئين جذبي سان گڏجي پاڪستان ک?? وڌيڪ محفوظ ۽ خوشحال بڻائڻ جي لاءِ اڳتي وڌي. پاڪستان معيشت، دفاع ۽ عوام جي ڀلائي جي لحاظ کان هڪ مض??وط ملڪ بڻجي. 6 سيپٽمبر اس??ن جي قومي تاريخ جو اهم ترين ڏينهن آهي، هي اهو ڏينهن هو جڏهن پوري قوم هڪ جارحيت پسند جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اٿي بيٺي جيڪو افرادي قوت ۽ هٿيارن ۾ برتري رکندڙ هو، 6 سيپٽمبر جي جذبي کي ان جي روح موجب زندهه ۽ مض??وط بڻائڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته اس??ن پنهنجون توانايون پاڪستان ک?? سمورن ٻاهرئين ۽ اندروني خطرن جي خلاف مض??وط بڻائڻ جي لاءِ لڳايون. اس??ن جي ابن ڏاڏن جي تصور موجب هڪ ترقي پسند اسلامي فلاحي رياست جي اس??ن جي حقيقي سڃاڻپ کي ٻيهر زندهه ڪرڻ جي لاءِ 1965ع جي جذبي جي ضرورت آهي ۽ انهي جذبي سان عزم ۽ يڪجهتي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو ته جيئن اس??ن جي سلامتي کي درپيش خطرن ک?? ڪاميابي سان ناڪام بڻائڻ ۾ مدد ملي. هن وقت پاڪستان ماضي جي مقابلي ۾ دنيا جي لاءِ وڌيڪ اهم آهي، پاڪستان پنهنجي ساک امن جي حصيدار طور تي ٺاهي آهي. دنيا جي تڪرارن جي حل لاءِ پاڪستان جون قربانيون تمام گهڻيون آهن، پاڪستان خطي ۽ دنيا جي امن لاءِ مخلصاڻي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ دنيا انهن ڪوششن ک?? تسليم ڪري رهي آهي. پاڪستان پنهنجو پاڻ کي سمورن روايتي ۽ غيرروايتي چئلينجن جي لاءِ تيار ڪيو آهي، انهن سڀني جي باوجود اس??ن تڪرارن جي پرامن حل ??ي فروغ ڏئي رهيا آهيون. هن ڏينهن اس??ن ک?? مادن وطن جي حيثيت سان پاڪستان سان محبت ۽ پاڪستان جي اندر ۽ ٻاهر امن سان محبت ڪرڻ جي نعرن ??ي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي.