اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري م??لڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پاڪستان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي (پي ايم ڊي اي) جي تجويزن تي پي بي اي?? اي پي اين ايس، سي پي اين اي، پنج وڏن پريس ڪلبز، صحافتي تنظيمن سان مش??ورت ڪئي وئي آهي، اسٽينڊنگ ڪميٽي جي م??مبرن سان پڻ تجويزون شيئر ڪيون ويون آهن، ڪنهن جي اعتراض جي صورت ۾ ان ۾ ترميم ڪري سگهجي ٿي. هو قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائي رهيو هو. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪميٽي جي چيئرمين جاويد لطيف ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، پيمرا چيئرمين محمد سليم ۽ صحافتي تنظيمن جا عهديدار پڻ موجود هئا. اطلاعات ۽ نشريات واري م??لڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اسان پاڪستان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي تجويزن تي ٻڌل فر??م ورڪ اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ آندو آهي، اهي تجويزن ڪميٽي جي م??مبرن ۽ ڌرين سان شيئر ڪري رهيا آهيون، انهن تجويزن تي پي بي اي?? اي پي اين ايس، سي پي اين اي، پنج وڏن پريس ڪلبز، صحافتي تنظيمن سان مش??ورت ڪئي وئي آهي. ڪميٽي جي چيئرمين جاويد لطيف چيو ته اسان سڀني جو مقصد رياست جو خيال رکڻ آهي، پي ايم ڊي اي تي وڌيڪ صحافتي تنظيمن سان مش??ورت جي لاءِ ذيلي ڪميٽي ٺاهي ڇڏيون ٿا، ذيلي ڪميٽي روزاني جي بنياد تي اجلاس ڪري مش??ورتي عمل کي حتمي شڪل ڏي.