اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چ??و آهي ته پاڪستان کي فضائي آلودگي کان پاڪ ڪرڻ ۽ شهرين کي رهڻ لاءِ صحت مند ماحول فراهم ڪرڻ موجوده ح??وم?? جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، ڪلين گرين پروجيڪٽ ۽ بلين ٽريز سونامي جهڙا منصوبا ماحولياتي آلودگي کي روڪڻ ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندا، پاڪستان جي لاءِ اها فخر جي ڳالهه آهي ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ??اڪستان ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي ميزباني ڪري رهيو آهي. ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اسپيڪر اسد قيصر چيو ته عالمي دنيا جو اعتراف آهي ته پاڪستان ماحول کي بهتر ڪرڻ لاءِ بهترين قدم کني?? آهن، فضائي آلودگي هڪ سن??ين مسئلو بڻجي چڪو آهي جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ قومي صوبائي ۽ مقامي سطح تي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ پارليامينٽ جو ڪردار انتهائي اهيمت رکندڙ آهي، اسپيڪر چيو ته ڇو ته اهي پاليسي ساز آهن ۽ اهي ئي عملدرآمد جي سطح تي پاليسين جي جاچ پڙتال ڪن ٿا، پائيدار ترقي جا هدف (ايس ڊي جيز) جو دسخطي هجڻ جي ناطي پاڪستان کي آلودگي کان پاڪ ماحول فراهم ڪرڻ اسان جي ذميداري آهي، پشاور ۽ ڪراچي جهڙن پاڪستان جي وڏن شهرن کي هر سال ڌنڌ درپيش هوندي آهي، جيڪو ناقص هوا جي معيار ۽ فضائي آلودگي ۾ اضافي جو سبب بڻجي رهيو آهي، موجوده ح??وم?? ڪلين اينڊ گرين پاڪستان ۽ بلين سونامي ٽريز منصوبي کي عالمي سطح تي ساراهيو پيو وڃي.