اسلام آباد – 25 – ڊس??بر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز قائداعظم محمد علي جناح کي سندس يوم پيدائش تي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ??هي ته عظيم قائد ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي خوابن کي تعبير ڏني، سندس مخلصاڻي قيادت مسلمانن کي نئون ولولو، امنگ ۽ عزم عطا ڪيو ۽ وقت جي سامراج کي پنهنجي تدبر، عزم ۽ ثابت قدمي سان شڪست ڏني.