اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان افغانستان جي نئين سر تعمير ۾ مدد جي لاءِ تيار آهي ۽ هنرمندي جي ذريعي لکين پ??اهگيرن جي پنهنجي معاشري ۾ ٻيهر يڪجهتي جي لاءِ به مدد ڏيندو. جنيوا ۾ افغان پ??اهگيرن جي واپسي بابت اعليٰ سطحي مشاورتي ڪانفرنس سان ورچوئل خطاب ۾ هن چ??و ته افغان پ??اهگيرن جي لاءِ افغانستان ۾ جاري ترقياتي منصوبا اهميت رکندڙ آهن، صدر چيو ته پاڪستان گذريل 40 سالن کان پ??هنجي سرزمين تي وڏي تعداد ۾ افغان پ??اهگيرن جي ميزباني ڪري رهيو آهي ۽ افغانستان جي نئين سر تعمير جي لاءِ کين هنر سيکارڻ لاءِ به مدد ڏئي سگهي ٿو. صدر ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته گذريل ٻن کان ٽن نسلن کان پاڪستان ۾ رهندڙ افغان پ??اهگير واپاري ادراڪ سميت مختلف هنر سکڻ سان گڏوگڏ پنهنجي وطن واپس وڃي سگهن ٿا، هن چ??و ته پاڪستان افغانستان جي هڪ خوشحال مستقبل لاءِ انهن جي ترقي جي لاءِ هڪ ارب ڊالر جا خرچا ڪيا جيڪي ٻنهي ملڪن جي لاءِ مفيد هوندا، هن چ??و ته پاڪستان ۽ افغانستان جيو اقتصادي ۽ جيواسٽريٽجڪ مرڪز بڻجي سگهن ٿا جنهن سان وچ ايشيا کان سڌو سنئون افغانستان واپاري سامان پاڪستان اچي سگهندو، هن چ??و ته افغانستان جي عوام پنهنجي سياسي ۽ اقتصادي نظم ۽ ضبط جو فيصلو ڪرڻ جو حتمي اختيار رکي ٿي، هن چ??و ته گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪميشن (يو اين ايڇ سي آر) جي موجوده سربراهه فلپوگرينڊي ۽ اڳوڻي سربراهه انتونيو گوئترس پاران افغان پ??اهگيرن جي بحالي لاءِ يو اين ايڇ سي آر جي ڪم کي ساراهيو، صدر امن عمل جي لاءِ اڳتي وڌڻ تي افغانن، سندن حڪومت ۽ طالبان کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪستان افغانستان جي امن عمل جي بحالي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي جيڪو انتهائي اهم ۽ سنهري دور آهي، افغانستان ۾ امن ۽ سلامتي جي لاءِ خوشحالي جي شڪل ۾ موقعا پيدا ٿي رهيا آهن.