اسلام آباد – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نئون پا??ست??ن پراجيڪٽ تحت ڪراچي ۽ ٻيو لاهور ۾ ٻه وڏا شهر ٺاهي رهيا آهيون، ڪراچي جي ٻيٽن جي حو??لي سان سنڌ اين او سي جاري ڪئي ۽ پوءِ واپس وٺي ڇڏي، راوي سٽي ۽ ڪراچي جي ٻيٽن جا منصوبا گيم چينجر ثابت ٿيندا، ڀنڊار ٻيٽ جو فائدو سنڌ جي عوام کي ٿيندو ۽ ان سان 40 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ملڪ ۾ ايندي، ٻاهرين ملڪ پا??ست??ني ڀنڊار ٻيٽن ۾ سيڙپڪاري ڪندا، نواز شريف کي واپس آڻڻ لاءِ پاڻ کي لنڊن وڃڻو پيو ته ويندس، مخالف ڌر جي سڄي ڪوشش اين آر او وٺڻ لاءِ آهي جيڪو آئون ڪڏهن به نه ڏيندس، ا??ي ماڻهو پاڻ کي قانون کان مٿانهون سمجهندا آهن، مخالف ڌر 30 سالن کان پئسو چوري ڪري رهي آ??ي، ڪرپشن ۽ مهانگائي جي خاتمي لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن، اسرائيل کي پا??ست??ن جي بهادر فوج کان ڊپ آهي، ڀارتي ميڊيا پا??ست??ن جي خلاف بي بنياد پروپيگنڊا ڪري رهيو آهي ۽ نواز شريف کي هيرو بڻائي پي?? ڪري رهي آ??ي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي کي خصوصي انٽرويو دوران ڪيو.