اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته سول سروسز ۾ سڌارا اڌ صدي کان مروج فرسوده نظام ۾ تبديلي ۽ پاڪستان جي نئين روشن مستقبل لاءِ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندا، ت??قي جا معيار بدلجي ويا، نااهلي جي حوصلا شڪني ۽ اهليت جي حوصلا افزائي ٿيندي، ماڻهن جي خوشنودي يا ڪنهن سياسي خاندان جي خدمت گذاري ترقي جو معيار نه بڻجندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ترقي جو معيار ??اڻ?? محنت، صلاحيت، عوامي خدمت ۽ عوام جي م??ئلن جي حل سان جوڙي ڇڏيو آهي.