سيالڪوٽ – 22 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي جي درخواستن سان گڏ تحريڪ انصاف جي درخواستن کي به گڏائي ٻڌي، لنڊن جون تصويرو?? ٻڌائي رهيون آهن ته ميان صاحب کي ڪهڙي تڪليف آهي، اسان اميد ڪريون ٿا ته نواز شريف پنهنجي علاج کانپوءِ پاڪستان ۾ اچي، رهبر ڪميٽي رهزن ڪميٽي بڻجي چڪي آهي، انهن کي خبر آهي ته عمران خا?? ملڪي معيشت کي کڻي ترقي جي راهه تي گامزن آهي. جي سي يونيورسٽي سيالڪوٽ ۾ منعقد پروگرام بزم اقبال آگاهي پروگرام جي تقريب کي خطاب کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف واحد اهڙي پا??ٽي آهي جنهن جي ان??ر به جمهوريت آهي.