اسلام آباد – 23 نومبر (اي پي پي) ري??وي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته لانڍ?? ر????وي اسٽيشن تي ٽرين حادثي جا ذميوار ڊرائيور ۽ اسسٽنٽ ڊرائيور آهن، حادثي وقت ٻئي ڪيبن ۾ موجود نه هئا، حادثي جي ذميوارن کي سخت سزا ڏني ويندي. سينيٽ ۾ سينيٽر شيري رحمان، مختيار ڌامراهه، سليم مانڊوي والا، ڪريم احمد خواجه ۽ سعيدالحسن مندوخيل جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان ري??وي کي مڪمل طور تي غيرسياسي اداري طور تي هلايو پيو وڃي، اسان ڪنهن جي ڪڏهن به سفارش ناهي مڃي.