اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان جي اصولي موقف جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا کي افغانستان جي خلاف پنهنجا اڏا استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو، اسان شروع کان افغان مسئلي جي ڳالهين جي ذريعي حل جا حامي آهيون، عالمي برادري ڀارت جي بليڪ مارڪيٽ ۾ يورينيم جي غير قانوني وڪري جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺي، تابڪار مادي جو غلط هٿن ۾ وڃڻ انساني جانين ۽ گڏيل قومن جي سلامتي کي خطري ۾ وجهي سگهي ٿو، عالمي ميڊيا پاران ايتري اهم واقعي کي نظرانداز ڪرڻ افسوسناڪ آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ايو??ن صدر ۾ نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ ڪورس جي غير ملڪي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي ڪيو. نيشنل ڊفينس يونيورسٽي ۾ ڪورس هيٺ 12 ملڪن سان تعلق رکندڙ فوجي آفيسرن ??در سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي ??در دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جي ڪاميابين کي اجاگر ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن دهشتگردي کي شڪست ڏني آهي. پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ 70،000 جانين ۽ 150 بلين ڊالر جي معاشي نقصان کي صورت ۾ وڏي قيمت ادا ڪئي آهي. افغانستان جي حو??لي سان خيالن جو اظهار ڪندي ??در چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ سنجيده ڪوششون ڪري رهيو آهي ڇو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام سان سڀ کان وڌيڪ فائدو افغانستان کانپوءِ پاڪستان کي ٿيندو. هن چيو ته افغانستان ۾ ڊگهي تڪرار سان سڀ کان وڌيڪ متاثر به پاڪستان ٿيو آهي، افغانستان ۾ جنگ پاڪستان جي معيشت ۽ سيڪيورٽي کي بري طرح متاثر ڪيو آهي، ??در چيو ته پاڪستان شروع کان افغان مسئلي جي ڳالهين جي ذريعي حل جو حامي رهيو آهي، جنگ تڪرارن جو حل نه آهي ڇو ته ان سان انساني اذيت ۽ تڪليف ۾ اضافو ٿيندو آهي،