اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) بلوچستان جي گورنر سيد ظهور احمد آغا سان اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ملاقات ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير ظهور احمد آغا کي بلوچستان جي گورنر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪ ڏني. ان موقعي تي ڳالهائيندي چوڌري فواد حسين چيو ته ??لوچستان ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، بدقسمتي سان ماضي ۾ ڪنهن بلوچستان جي ترقي تي ڌيان نه ڏ??و. ??ي ٽي آءِ جي حڪومت بلوچستا?? کي سڀني کان وڏو ترقياتي پيڪيج ڏ??و. ??ن چيو ته وزيراعظم عمران خان پاران اعلان ڪيل بلوچستان پيڪيج سان خطي جي 70 سالن جي محرومين جو خاتمو ٿيندو. هن چيو ته ??ي پيڪ جو سڀ کان وڌيڪ فائدو بلوچستا?? کي ٿيندو، بلوچستان ۾ ترقياتي منصوبا حقيقي گيم چينجر ثابت ٿيندا، انهن منصوب?? کي وقت سر مڪمل ڪيو ويندو. وفاقي وزير چيو ته ??لوچستا?? کي ملڪ جي ٻين صوبن جي برابر آندو ويندو. هن چيو ته ??لوچستان ۾ ترقي لاءِ امن ضروري آهي، ??مي?? آهي ته ??لوچستان جو گورنر امن امان جي صورتحال کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندو. ان موقعي تي بلوچستان جي گورنر چيو ته وفاقي حڪومت پاران بلوچستان جي محرومي?? کي ختم ڪرڻ جون ڪوشش واکاڻ جوڳيون آهن، هن چيو ته هو وفاق ۽ صوبائي حڪومت جي وچ ۾ بهتر رابطن لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکندو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهتر رابطن جو فائدو بلوچستان جي عوام کي ٿيندو. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري ۽ اطلاعات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد به موجود هئي.