اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ٽيوٽا موٽر ڪارپوريشن جي وائيس چيئرمين شنجي ياناجي ۽ انڊس موٽرز جي سي اي او علي اصغر جمالي ملاقات ڪئي ۽ آٽو صنعت ۾ هائبرڊ ٽيڪنالاجي جي مقامي سطح تي مينوفيڪچرنگ شروع ڪرڻ ۾ گهري دلچسپي جي باري ۾ آگاهه ڪي??. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ٽيو??ا ڪمپني پاڪستان ۾ آٽو صنعت ۾ هائبرڊ ٽيڪنالاجي جي مقامي سطح تي مينوفيڪچرنگ شروع ڪرڻ ۾ گهري دلچسپي رکي ٿي ان کانسواءِ وزيراعظم کي مثبت ۽ ڪاروبا?? دوست حڪومتي پاليسين جي ڪري وڏي پئماني جي صنعت ۽ خاص طور آٽو انڊسٽري ۾ ٻاهرين سيڙپڪارن جي وڌندڙ اعتماد جي باري ۾ به آگاهه ڪي?? ويو.