اسلام آباد-18 م??ي (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود ??ري??ي انقره ۾ پنهنجي ترڪ هم منصب ميولوت چاوش اولو سان ملاقات ڪئي. ڳالهين دوران ٻنهي پرڏيهي وزيرن فلسطين ۾ امن امان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ترڪ پرڏيهي وزير او ??ءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ شاهه محمود ??ري??ي جي خطاب ۽ پاڪستان طرفان مظلوم فلسطينين جي مسلسل حمايت ۽ ڀرپور حمايت کي ساراهيو.