اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) قومي اسيم??لي فلسطيني عوام تي اسرائيلي جارحيت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي هڪ متفقه قرارداد جي منظوري ڏني آهي جنهن ۾ گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل، او آءِ سي ۽ انساني حق?? جي عالمي تنظيمن کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته فلسطين تي اسرائيل جي ظلم ۽ ڏاڍ کي روڪرائڻ جي لاءِ فوري طور تي پنهنجو ڪردار ادا ڪن، فلسطيني?? جي نسل ڪشي، انه?? جي پنهنجي علائقن مان جبري بيدخلي ۽ فلسطي?? جي آبادي جي تناسب کي تبديل ڪرڻ جي عمل کي فوري طور تي روڪيو وڃي، گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل اسرائيلي حڪومت پاران فلسطيني عوام جي خلاف نسل ڪشي جي ڏوهه جي جا?? جي لاءِ آزاداڻو ??نڪ??ائري ٽربيونل قائم ڪري. قومي اسيم??لي ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي فلسطين تي اسرائيلي جارحيت جي خل??ف مذمتي قرارداد پيش ڪندي چيو ته هي ايوان اسرائيل پاران فلسطي?? جي عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪري ٿو ۽ معصوم فلسطيني عوام تي منظم ظلم ۽ ڏاڍ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو.