اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) چين، ترڪي، آمريڪا، فرانس، جاپان، ڀارت، ابوظهبي، افغانستان، سريلنڪا، هانگ ڪان?? سميت سڄي دنيا جي پاڪستاني سفارتي مشنز ۾ پاڪستان جو ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. اڱاري ڏينهن ٻاهرين ملڪ پاڪستاني سفارتي مشنز ۾ پاڪستان ڏهاڙي جون تقريبون منعقد ٿيون. ان موقعي تي قومي جهڊو بلند ڪي?? ويو ۽ صدر ۽ وزيراعظم جا پيغام پڙهي ٻڌاي?? ويا. پاڪستاني سفيرن ۽ شرڪت ??ندڙن ان ڏينهن جي اهميت کي اجاگر ۽ تحريڪ پاڪستان جي اڳواڻن کي خراج عقيدت پيش ڪي??. 81 هين يوم پاڪستان جي موقعي تي بيجنگ ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ جي تقريب منعقد ٿي، تقريب ۾ پاڪستاني برادري جي ميمبرن ۽ چين ۽ پاڪستاني ميڊيا جي نمائندن سميت مهمانن جي وڏي ??عداد شرڪت ??ئي. پاڪستان جي سفير معين الحق تحريڪ پاڪستان جي اڳواڻن کي خراج تحسين پيش ڪي??. 23 مارچ 1940ع جي اهميت کي اجاگر ڪندي هن چيو ته هي اهو ڏينهن هو جڏهن ڏکڻ ايشيا جي مسلمانن قائداعظم محمد علي جناح جي متحرڪ قيادت ۾ پنهنجي لاءِ ڌار ملڪ بڻائڻ جو فيصلو ڪي??. پاڪستاني سفير غير قانوني ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪي?? ۽ ڪشمير ڪاز لاءِ پنهنجي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ جو عزم ورجايو.