اسلام آباد – 19 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ معاشي، ثقافتي ۽ دفاعي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏي?? جي ضرورت آهي، ??ال??ي برادري گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي روشني ۾ ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ مثب?? ڪردار ادا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن سريلنڪن آرمي جي چيف آف ڊفينس اسٽاف ۽ ڪمانڊر جنرل شوندراسلوا سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان سريلنڪا سان لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، ٻئي ملڪ علائقائي ۽ ??ال??ي معاملن تي متقفه راءِ رکن ٿا، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاشي، ثقافتي ۽ دفاعي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏي?? جي ضرورت آهي، صدر چيو ته پاڪستان ٻڌ سياحن جي لاءِ هڪ پرڪشش منزل آهي، سريلنڪا جي ماڻهن کي پاڪستان ۾ مذهبي ۽ قدرتي ماڳن جو دورو ڪر?? جي ترغيب ڏني وڃي. صدر عارف علوي سريلنڪن آرمي جي چيف آف ڊفينس اسٽاف ۽ ڪمانڊر ڱي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪاميابين ج?? باري ۾ آگاهه ڪيو.