اسلام آباد – 13 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ سول ڊرون ٽيڪنالاجي جي فروغ، ترقي ۽ ان اهم شعبي کي ريگيوليٽ ڪرڻ جي لاءِ ڊرون ا??ار??ي قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، سول ڊرون ا??ار??ي وٽ ڊرون ٽيڪنالاجي کي ريگيوليٽ ڪرڻ، لائيسنس جاري ڪرڻ، امپورٽ ۽ ملڪ ۾ پيداوار جي اجازت ڏيڻ جا اختيار هوندا، ا??ار??ي ڊرونز جي مينوفيڪچرنگ، آپريشنز، ٽريننگ ۽ ريسرچ اينڊ ڊيولپمينٽ جي حوالي سان ذميواريون سرانجام ڏيندي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ا??ار??ي کي ڏنڊ ۽ سزا، لائيسنسن کي ملتوي ڪرڻ ۽ قانوني چاره جوئي جا اختيار پڻ حاصل هوندا. ايوي ايشن ڊويزن جو سيڪريٽري ا??ار??ي جو سربراهه هوندو. ٻين ميمبرن ۾ ايئر فورس، سول ايوي ايشن، دفاعي پيداوار، گهرو معاملن ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جا سينيئر ليول آفيسر شامل هوندا. سمورين وفاقي ڌرين بشمول آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان مان به هڪ هڪ نمائندو شامل هوندو. ان کانسواءِ شعبي جا ٽي ماهر پڻ ا??ار??ي جو حصو هوندا. ا??ار??ي ۾ سمورين ڌرين جي شموليت ا??ار??ي جا فرض سرانجام ڏيڻ ۽ ادارن جي وچ ۾ بهترين ڪوآرڊينيشن ۾ مددگار ثابت ٿيندي. وزيراعظم عمران خان اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ڊرون ٽيڪنالاجي کي ڪمرشل، ريسرچ اينڊ ڊيولپمينٽ، ايگريڪلچر ۽ ٻين پرامن مقصدن جي لاءِ استعمال ۾ آڻڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته ا??ار??ي قائم ڪرڻ سان نه رڳو ان حوالي سان موجود خال کي ڀري سگهبو جيڪو ڊرون جي حوالي سان ڪو قانون نه هجڻ جي ڪري موجود آهي پر هي ا??ار??ي ڊرون ٽيڪنالاجي جي فروغ ۽ ان جي ملڪ ۾ پيداوار ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪندي، ڊرون ٽيڪنالاجي جي موثر استعمال سان وسيلن جو موثر استعمال ۽ سروس ڊيليوري ۾ بهتري ۾ مدد ملندي.