اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمر??ن خان چيو آهي ته سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ مناسب اضافو ڪيو آهي، بجيٽ ۾ وڌيڪ وڌ??ئي??داسين، مهانگائي گهٽ ڪرڻ لاءِ پورو زور لڳ??ئي??داسين، قيمتون گهٽ ٿيندي نظر اينديون، سينيٽ اليڪشن ۾ ??ول??ون لڳي ويون آهن، سينيٽ اليڪشن جي خريد ۽ وڪري جي معاملي تي وڊيو جي جاچ لاءِ ڪميٽي ٺاهي ڇڏي آهي، پي ڊي ايم چوري بچايو موومينٽ آهي، اهي رليف چاهين ٿا پر رليف نه ملندو، تحريڪ لبيڪ سان معاهدي جي مطالبن کي پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويندو، س??اس??دانن اربين روپين جي سرڪاري زمينن تي قبضا ڪيو آهي، جيڪڏهن حڪومتي پارٽي جي ميمبر سرڪاري زمين تي قبضو ڪيو آهي ته شڪايت ڪريو، ايڪشن ورتو ويندو. نجي ٽي وي چئنل سان ڳاله??ئي??دي وزيراعظم عمر??ن خان چيو ته سينيٽ جي اليڪشن ۾ گذريل 30 سالن کان ووٽ خريد ۽ وڪرو ٿيندا پيا اچن ۽ پئسو پارٽي قيادت ت??ئي?? ويندو آهي، ڪنهن ان کي روڪڻ جي ڪوشش نه ڪئي، وڊيو جيڪڏهن اسان وٽ پهرين هجي ها ته جن ٻن ميمبرن کي اسان گذريل سينيٽ اليڪشن ۾ پارٽي مان ڪڍيو هو انهن جي خلاف عدالت ۾ پيش ڪريون ٿا، هن چيو ته اسان کي خبر آهي ته سينيٽ جي اليڪشن ۾ ??ول??ون لڳي ويون آهن، بلوچستان جي سينيٽ جي سيٽ جي قيمت 50 کان 70 ڪروڙ روپيا هلي وئي آهي، سينيٽ اليڪشن ۾ ايم پي اي پنهنجو ضمير وڪڻندا ۽ اهي سينيٽرز جيڪي پئسو ڏئي ضمير خريد ڪندا اهي ڪه??ي پاڪستان جي جمهوريت جي خدمت ڪندا،.