اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان معيشت جي لاءِ تعميراتي ??رگ??مين جي اهميت کي اجاگر ڪندي هدايت ڪئي آهي ته حڪومتي اجازت نامن ۽ ٻين لاڳاپيل ڪاررواين ۾ ڄاڻي واڻي دير نه ڪئي وڃي ۽ سيڙپڪارن جي لاءِ منظورين جو عمل آسان بڻايو وڃي. هو هائوسنگ، تعميرات ۽ ڊولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، صلاحڪار ڊاڪ??ر عشرت حسين، خاص مددگار شهباز گل، وفاقي ۽ صوبائي سيڪريٽريز ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب اجلاس ک?? آگاهه ڪيو ويو ته تعميراتي منصوبن کي گئس ?? بجلي جي جلد فراهمي جو طريقيڪار جوڙيو ويو آهي، سرويئر جنرل آف پاڪستان اجلاس ک?? ڪيڊسٽرل ميپنگ جي حوالي سان بريف ڪيو ويو.