اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته محرم الحرام جو مهينو اسان جي دين جي بزرگن طرفان اسلام جي خاطر ڏنل قربانين جي ياد ڏياري ??و، محرم الحرام اسان کي پنهنجي اسلاف جي قربانين، صبر ۽ برداشت، استقامت ۽ همت، ح?? چوڻ ۽ اعليٰ انساني قدرن جي بقاءُ لاءِ هر قوت جي سامهون ڄمي وڃڻ جو ابدي پيغام ڏي ٿو. ايوان ??در جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب هن محرم الحرام جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. ??در چيو ته اسلامي ڪيلينڊر جي سال 1442 هه جو آغاز ٿي ??ڪو آهي، ان بابرڪت موقعي تي آئون پاڪستاني قوم ۽ اهل اسلام جي لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪريان ٿو ۽ خدا پاڪ جي حضور دعا ڪريان ٿو ته اهو هجري سال اسان سڀني جي لاءِ باعث رحمت ۽ برڪت هجي. آمين.