مظفر آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان استحصال جي ڏهاڙي جي موقعي تي ڪشميرين سان يڪجهتي جي لاءِ ??زا?? ڪشمير جي گادي واري شهر مظفر آباد پهتو ۽ ريلي جي قيادت ڪئي. ريلي ۾ ??زا?? ڪشمير جي صدر سردار مسعود خان، ??زا?? ڪشمير جي وزيراعظم راجا فاروق حيدر، ڪشمير بابت پارلياماني ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، ڪشمير معاملن واري وزير علي امين گنڊاپور، پارلياماني سيڪريٽري ثوبيه ڪمال، ??زا?? ڪشمير جي وزيرن، قانونساز اسيمبلي ميمبرن، حريت ڪ??نف??ن?? آزاد ڪشمير شاخ جي اڳواڻن ۽ عوام جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم ڀارتي ظلمن جي خلاف شي??ي جي ديوار بڻيل ڪشميرين جي حريت جي جذبي کي خراج تحسين پيش ڪرڻ ۽ شهيدن جي ياد ۾ ٺاهيل مزاحمتي وال جو افتتاح ڪيو. کيس هتي ان حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي ڪشمير جي شهيدن جي لاءِ دعا پڻ ڪئي وئي. ان کان اڳ وزيراعظم عمران خان جي مظفرآباد اچڻ تي هيلي پيڊ تي وزيراعظم راجا فاروق حيدر ۽ صدر سردار مسعود خان سندس استقبال ڪيو.