اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) وف??قي حڪومت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي غاصباڻي قبضي ۽ گهيراءُ جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي خصوصي يادگار ٽ??لي جاري ڪري ڇڏي آهي، ان خصوصي يادگار ٽ??لي جاري ڪرڻ جو مقصد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري ڀارت جي انسانيت دشمن سرگرمين ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي مسلمانن تي ڪيل ظلم?? ۽ ??نساني حقن جي خلاف ورزين کان دنيا کي آگاهه ڪرڻ آهي. اطلاعات ۽ نشريات وارو وف??قي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ پوسٽل سروسز ۽ مواصلات وارو وف??قي وزير مراد سعيد پي آءِ ڊي ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيا هئا. اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته پاڪستان پوسٽ پاران جاري ٿيندڙ يادگار ٽ??لي ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار جي پهرين ڪڙيءَ آهي، ان يادگار ٽ??لي جو مقصد دنيا کي اهو باور ڪرائڻ آهي ته ڪيئن ڀارت ڪشمير جي معصوم عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ جو راڄ قائم ڪيو آهي، ان جي هي عڪاسي ڪري ٿو، اها يادگار ٽ??لي سڄي دنيا ۾ ويندي ماڻهن کي احساس ٿيندو ته ڀارت ڪشميري عوام تي ڪهڙِ طرح ظلم ۽ ڏاڍ جو طوفان برپا ڪري رکيو آهي، وزيراعظم عمران خان جي گڏيل قومن جي تقرير سان شروع ٿيندڙ سفر ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ کي هڪ نئين روح ڦوڪي آهي، وزيراعظم عمران خان جهڙي طرح چيو ته هو ڪشمير جو سفير ۽ وڪيل بڻجي اهو ڪيس وڙهندو، اهو سفر اڃا جاري آهي. هن چيو ته 5 آگسٽ تي ڀارت جي غ??رق??نوني قبضي ٿيل ڪشمير ۾ ٻيهر ظلم ۽ ڏاڍ جي انتها ڪري ڇڏي آهي.