اسلام آباد – 20 جون (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 31 هزار 681 ڪورونا جا ٽيسٽ ڪيا ويا. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جا 63 هزار 504 مر??ض صحتياب ٿي چڪا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس کي منهن ڏيندڙ 153 ماڻهو فوت ٿي ويا، 26 فيبروري تي ڪوورنا وائرس جي پهرين ڪيس کانپوءِ اه?? هيستائين جي هڪ ڏينهن ۾ ٿيندڙ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون آهن. گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مر??ضن وينٽي ليٽر تي نه آهي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر 549 مر??ض وينٽي ليٽرز تي آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪل ايڪٽو ڪيسن جو انگ 1 لک 4 هزار 780 آهي ج??هن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 6604 ماڻهن جو اضافو ٿيو. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي مر??ضن جو انگ 1 لک 71 هزار 666 آهي ج?? ۾ آزاد ڪشمير ۾ 803، بلوچستان ۾ 9 هزار 162، گلگت بلتستان ۾ 1 هزار 253، اسلام آباد ۾ 10 هزار 279، خيبرپختونخواهه ۾ 20 هزار 790، پنجاب ۾ 64 هزار 216 ۽ سنڌ ۾ ڪورونا مر??ضن جو انگ 65 هزار 163 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 3382 آهي ج?? مان سنڌ ۾ 1 هزار 13، پنجاب ۾ 1 هزار 347، خيبرپختونخواهه ۾ 789، اسلام آباد ۾ 95، بلوچستان ۾ 100، گلگت بلتستان ۾ 21 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 17 فوتگيون ٿيون.