اسلام آباد – 07 مئي (اي پي پي) حڪومت ضرورت جي شين کانسواءِ تعميرات سان لاڳاپيل ڪاروبار ۽ دڪان کولڻ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، شام 5 وڳي دڪان بند ڪرڻا پوندا، مخصوص او پي ڊيز ب?? کوليون وينديون، تعليمي ادارا بند رهندا. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس کا??پو??ِ بريفنگ ڏيندي منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو ته اجلاس ۾ 6 شين تي اتفاق ٿيو آهي، ڪنسٽرڪشن ۽ ننڍا دڪان کولڻ تي اتفاق ٿيو آهي، سحري کا??پو??ِ شام 5 وڳي تائين دڪان کولڻ تي اتفاق ڪيو ويو آه??، رات جو دڪان بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، مخصوص او پي ڊيز به کولڻ جو فيصلو ٿيو آهي، تعليمي ادارن جي بندش ۾ و??ڌ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.