اسلام آباد – 03 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ ضروري شين جي دستيابي ۽ فراهمي کي برقرار رکڻ جي ??عاملي تي ڪو به ٺاهه نه ٿيڻ گهرجي، ذخيره اندوزي ڪندڙن ۽ اسمگلرن کي عبرت جو نشانو بڻايو ويندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪورونا وائرس (ڪووڊ 19) جي روڪٿام لاءِ قائم نيشنل ڪمانڊ اين?? آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جي دوري جي ??وقعي تي ڪيو.