اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته سوچيل سمجهيل منصوبي تحت هڪ چونڊيل حڪومت کي ڪيرائڻ جي سازش ڪرڻ جو اعتراف ڪندڙ حقيقت ۾ آئين تحت بغاوت ڪرڻ جا مرتڪب ٿيا آهن، اقتدار جي لاءِ جمهوريت نعرو لڳائڻ، سياسي انتشار ۽ افراتفري پکيڙيندڙ ٽو??و 2023ع تائين پنهنجي واري جو انتظار ڪري، 2023ع جي ايندڙ اليڪشن ۾ عوام انهن جي سياست ۽ اسان جي خدمت کي ڏسي ??يص??و ڪندي، وزيراعظم عمران خان عوام سان جيڪي به واعدا ڪيا اهي پورا ٿي ر??يا آهن. هو پراپرٽي ڊيلرز ايسوسيئيشن جي نئين چونڊيل عهديدارن جي حلف برداري واري تقريب کي خطاب ڪري ر??ي هئي.