اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) وفاقي ڪاب??نا 2020ع کي روزگار جو س??ل قرار ڏيندي مختلف ويزارتن ۽ ڊويزنن کي من??ور ٿيل هڪ لک 29 هزار نوڪرين جي لاءِ ڀرتين جي قانوني عمل کي ايندڙ 60 ڏينهن ۾ مڪمل ڪرڻ جي من??وري ڏئي ڇڏي، 2017ع جي آدمشماري موجب وفاقي نوڪرين ۾ فاٽا ۽ گلگت بلتستان جي چار سيڪڙو کي جدا ڪرڻ، قومي صحت ۽ خدمتن واري وزارت جو نالو تبديل ڪري صحت ۽ آبادي ڪرڻ، پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ترميم ٿيل ايئر س??وسز جي معاهدي جڏهن ته ريئر ايڊمرل ذڪاءُ الرحمان کي پاڪستان ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي جو ڊائريڪٽر جنرل، برگيڊيئر ضي??ءَ عابد باجوه کي هيوي انڊسٽريز ٽيڪسلا ۾ ميمبر پروڊڪشن ۽ سردار عبدالمجيد خان کي وفاقي محتسب سيڪريٽريٽ ريجنل آفيس ڪراچي ۾ مقرر ڪرڻ جي من??وري پڻ ڏني آهي. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيندڙ وفاقي ڪاب??نا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪاب??نا کي مختلف وزارتن پاران عوامي ڀلائي جي ڏس ۾ نشاندهي ڪيل نئين قدمن تي عملدرآمد جي رپورٽ پيش ڪئي وئي.