باڪو – 25 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? آهي ته پائيدار ترقي ۽ استحڪام امن ۽ سلامتي لاءِ ضروري آهن، ڀارتي قدم ڪشميرين جي خودمختياري واري حق تي سڌو سنئون حمل?? آهي، ڪشمير مسئلو پرامن ۽ منصفاڻو حل وقت جي اهم ضرورت آهي، پاڪستان افغانستان مسئلي جي پرامن ۽ سياسي حل لاءِ ڪردار ادا ڪري رهي?? آهي، پاڪستان پائيدار عالمي امن لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. اهڙن خيالن جو اظهار صدر ڊاڪٽر عارف علوي غير وابسته تحريڪ جي سربراهه اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.