اسلام آباد – 04 ?? آڪٽوبر (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان گڏيل قدرن، امن ۽ خوشحالي ۽ ترقي جي مقصدن تي ٻڌل يورپي يونين سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان جي عالمي سطح تي ڪاربن جي اخراج ۾ حصيدار نه هجڻ جي باوجود ماحولياتي تبديلين جي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي، اميد آهي ته عالمي برادري بحالي ۽ نئ??ن سر تعمير جي مرحلي ۾ موثر شرڪت جي ذريعي ٻوڏ سان پيدا ٿ??ندڙ صورتحال جي منفي اثرن کي منهن ڏيڻ جون ڪوشش??ن تيز ڪندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪرائسز مئنيجمينٽ بابت يورپي ڪمشنر جينز لينار ڪيچ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزير??عظ?? پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين جي ڪري شديد ٻوڏ کانپوءِ يورپي يونين پاران امداد کي ساراهيو ۽ انهن کي ٻوڏ سان فصل، گهرن، چوپائي مال ۽ بنيادي ڍانچي کي ٿيندڙ نقصان ۽ 1600 کان وڌيڪ ماڻهن جي فوت ٿيڻ بابت آگاهه ڪيو. وزير??عظ?? چيو ته پاڪستان جو عالمي سطح تي ڪاربن جي اخراج ۾ حصو نه هجڻ جي برابر آهي پر ان جي باوجود پاڪستان موسمياتي تبديلين جي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته عالمي برادري بحالي ۽ نئ??ن سر تعمير جي مرحلي ۾ فعال شرڪت جي ذريعي ٻوڏ جي منفي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوشش??ن تيز ڪندي. وزير??عظ?? ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ وزير??عظ?? جي فلڊ ريليف فنڊ جي قيام سميت حڪومت پاران کنيل قدمن جو ذڪر ڪيو. فلڊ ريليف فنڊ ۾ ملڪي ۽ عالمي ذريعن سان عطيا جمع ڪرائي سگهجن ٿا. پاڪستان ۽ يورپي ملڪن جي اعليٰ سطح جي رابطن تي اطمينان جو اظهار ڪندي وزير??عظ?? اميد ظاهر ڪئي ته ٻئي ڌريون پنهنجي ٻطرفي واپاري ۽ سيڙپڪاري رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪنديون رهندي??ن ته جيئن 2023ع کانپوءِ به جي ايس پي پلس اسڪيم مان فائدو کڻي سگهجي.