اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت ۽ عوام کي بجلي فراهمي ۾ ريليف ڏيڻ جي ل??ءِ مهانگي درآمدي تيل بدران سج جي روشني سان بجلي پيدا ڪرڻ جي فيصلي تي عملدرآمد جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عوام کي بجلي جي معاملي تي ريليف ڏيڻ جو وڏو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم ٻاهرئين ملڪ مان مهانگو تيل گهرائي بجلي ٺاهڻ بدران سج جي روشني مان بجلي پيدا ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? ملڪ جي قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت جي ل??ءِ وڏو ۽ بنيادي قدم کنيو آهي، جنهن سان پاڪستان اربين ڊالرن جي بچت ڪري سگهندو. منصوبي تحت مهانگي درآمدي ٻارڻ (ڊيزل ۽ فرنس آئل) جي جڳهه تي سولر پاور مان 10 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيندي، پهرين مرحلي ۾ سرڪاري عمارتن، بجلي ۽ ڊيزل سان هلندڙ ٽيوب ويلز ۽ گهٽ يونٽس استعمال ڪن??ڙ گهريلو صارفين کي سج جي روشني سان پيدا ٿيندڙ بجلي ڏني ويندي. وزيراعظم سولر پاور پلانٽ جي جلد تعمير جي به هدايت ڪئي آهي. گرمين جي ايندڙ موسم شروع ٿيڻ تائين عوام کي بجلي جي فراهمي ۾ خاطرخواهه ريليف فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم لاڳاپيل ادارن کي منصوبي تي هنگامي بنيادن تي ڪم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم ايندڙ هفتي سڀني ل??ڳاپيل ماڻهن جي واڪ کان اڳ پري بڊ ڪانفرنس منعقد ڪرائڻ جي به هدايت ڪئي آهي.